درگاهه شهاب الدين شاهه قادري

درگاهه شهاب الدين شاهه قادري: بدين جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٻن ميلن تي شهاب الدين شاهه قادري، فاطمي حسنيءَ جو مقبرو موجود آهي، سندس تربت ڪٽهڙي اندر آهي. مقبرو پير عالي شاهه ٺهرايو هو، جنهن جي قبر به هن مقبري ۾ موجود آهي. مقبري کان ٻئي طرف هڪ ٻئي مقبري اندر علي قطب شاهه، غلام شاهه، محمد حسن شاهه ۽ چنڱل شاهه جون مزارون آهن، جن مان هڪ تي سنگ مرمر جو ڪم ٿيل آهي باقي ٻين جي مٿان جنڊيءَ جو بهترين ڪٽهڙو ڏنو ويو آهي. مقبري جو اصل ڪاٺ جي اڪر وارو دروازو اکڙي ٻاهر پيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو